ناظم جوکيو قتل ڪيس: شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ناظم جوکيو قتل ڪيس جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽرنن پوليس اختيارين کي شروعاتي طور موت جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ناظم جوکيي جي جسم تي هر هنڌ تشدد جا نشان آهن، مٿي جي پٺين حصي ۾ به تشدد جا نشان آهن.

پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب ائين لڳي رهيو آهي ته ناظم جو موت مٿي تي ڏنڊو لڳڻ سان ٿيو، مٿي جي پٺين حصي تي ڌڪ لڳڻ سان رت ڄميل آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت جو حتمي سبب ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيميڪل ۽ پيٿالاجيڪل رپورٽ جو انتظار آهي، ڪيميڪل ۽ پيٿالوجيڪل نمونا ڪراچي يونيورسٽي موڪليا ويا آهن، انهن جي رپورٽ اچڻ ۾ وقت لڳندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل ۽ پيٿالوجيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.