اين اي 133 تي 11 اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن اين اي 133 ۾ ضمني اليڪشن جي لاءِ 11 اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيو آهي.

مسلم ليگ نون جي شائستا پرويز کي شينهن ۽ پيپلزپارٽي جي محمد اسلم گل کي تير جو نشان الاٽ ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن 9 آزاد اميدوارن کي به مختلف چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن.

ان تڪ جي حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جي اميدوار جمشيد اقبال چيما جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ٿي ويا آهن، هن ان خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.