ڪراچي ۾ ”ڊينگي“ جهڙو ”پراسرار وائرس“ پکڙجڻ جو انڪشاف

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ مڇرن جي چڪ سبب ٿيندڙ بخار ڊينگي جي طرز جو پراسرار وائرس پکڙجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڊائون يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز سميت ڪراچي جي مختلف اسپتالن جي طبي ماهرن ۽ پيٿالوجسٽز موجب کپڙيل پراسرار وائرس ظاهري طور ڊينگي جهڙو ئي آهي پر جڏهن مريض جي ٽيسٽ ڪجي ٿي ته ان ۾ ڊينگي ظاهر نٿو ٿئي.

انگريزي اخبار دي نيوز جي رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف اسپتالن جي پيٿالوجسٽز تصديق ڪئيته هنن ڪيترائي اهڙا مريض ڏٺا آهن، جن جي بيمارين جو سڀ علامتون ڊينگي جون آهن پر جڏهن ٽيسٽ ڪجي ٿي ته ڊينگي ظاهر نٿو ٿئي.

ڊائون يونيورسٽي اسپتال جي شعبي ماليڪيولر پيٿالوجي جي سربراهه ڊاڪٽر پروفيسر سعيد خان تصديق ڪئي ته پراسرار وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙن جا پليٽيليٽس گهٽجڻ سميت انهن جي رت جا اڇا جزا به گھٽ ٿي رهيا آهن، پر جڏهن ٽيسٽ ڪجي ٿي ته انهن ۾ ڊينگي نه آهي.

ٻارن جي خانگي اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر ذوهيب به تصديق ڪئي ته هن به اهڙا ڪيترائي ڪيس ڏٺا آهن.

سرڪاري اسپتال جي سينيئر هيماٽو پيٿالوجسٽ ڊاڪٽر ذيشان حسين به اهڙي وائرس جي پکڙجڻ جي تصديق ڪئي، پر هن ٻڌايو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته ڄايال وائرس سبب هن وقت تائين ڪا به فوتگي ناهي ٿي.

آغا خان اسپتال جي ڊاڪٽر فيصل محمود ڄاڻايل وائرس بابت پڇيل سوال تي ٻڌايو ته هن شهر ۾ پراسرار وائرس پکڙجڻ جون خبرون ٻڌيون آهن، پر هن ذاتي طور تي ان قسم جو ڪو به ڪيس ناهي ڏٺو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.