گوگل، جي ميل ۽ يوٽيوب ڊائون، واهپيدارن کي ڏکيائيون

سڄي دنيا ۾ مشهور ترين سرچ انجن گوگل، جي ميل ۽ يوٽيوب ڊائون ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جمعي جي صبح کان خاص ڪري يورپ ۾ گوگل ميٽ، جي ميل ۽ يوٽيوب ڊائون ٿي ويا جنهن جي ڪري واهپيدارن کي سخت ڏکيائين سان منهن ڏسڻو پيو آهي.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي بين پليٽ فارمز تي واهپيدارن طرفان شڪايتن جو سلسلو جاري ٿي چڪو آهي.

رپورٽن موجب پاڪستان ۾ به گوگل سروسز سست ٿي ويون آهن.

جڏهن ته واسطيدارن ڪمپنين جو ان حوالي سان ڪو به بيان ناهي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.