رٻڙ تي فنگر پرنٽ چورائيندڙ 2 جوابدار گرفتار، هزارين سِمون هٿ

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائيبر سرڪل فيصل آباد سرڪاري رڪارڊ مان انڱوٺن جا نشان چوري ڪري موبائل فون سِمون فعال ڪرڻ ۽ آن لائين فراڊ ڪرڻ واري گروهه کي وڪرو ڪرڻ واري نيٽورڪ کي سوگهو ڪري ورتو.

ايف آءِ اي سرڪل فيصل آباد جي ڊپتي ڊاريڪٽر محمد رضوان موجب ڀڪر ۾ ڇاپو هڻي ٻن جوابدار توقير ۽ نويد کي گرفتار ڪيو ويو جن جي قبضي مان عام شهرين جي نالن تي ايڪٽو ڪيل 7 هزار کان مٿي موبائل فون سِمون هٿ ڪيون ويون.

اختيارين ٻڌايو ته جوابدار مبينا طور نادرا سميت سرڪاري رڪارڊ مان شهرين جي آنڱوٺن جا نشان چوري ڪري انهن کي سليڪون تي منتقل ڪندا ۽ بائيوميٽرڪ مشينن تان سِمون ايڪٽو ڪري آن لائين فراڊ ڪندڙ گروهه ۽ ڏوهاري ماڻهن کي وڪرو ڪندا هئا.

اختيارين موجب جوابدارن جي قبضي مان ربڙ تي منتقل ڪيل ساڍا 6 هزار آنڱوٺن جا نشان، بائيوميٽرڪ مشينون هٿ ڪري نيٽورڪ جي ٻين جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.