ننڍڙي بدڪ ڳاڙها جوتا پائي ميراٿن ريس ۾ نڪري پئي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ميراٿن ريس ۾ ايٿليٽس سان گڏ ريس ۾ هڪ بدڪ به حصو ورتو.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هڪ ننڍي ”رنڪل“ نالي بدڪ نيويارڪ ميراٿن ريس ۾ ايٿليٽس سان گڏ ڊوڙندي نظر اچي رهي آهي.

اها وڊيو شيئر ڪندي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو آهي ته ”رنڪل نيويارڪ ميراٿن ۾ ڊوڙي“

پوسٽ جي ڪيپشن ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته ” ايندڙ سال اها ان کان به سٺو پارفارم ڪندي“.

انسٽاگرام پوسٽ ۾ ميراٿن ريس ۾ حصو وٺندڙ بدڪ کي ساراهيندڙ انسانن جو ٿورو به ادا ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.