آريان خان جي سالگرهه جي ڏينهن به پيشي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان اڄ پنهنجي 24 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.

ڪروز شپ منشيات ڪيس ۾ ضمانت جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ آريان خان پنهنجي سالگرهه جي ڏينهن به اين سي بي جي آفيس ۾ پيش ٿيو.

آريان جي اين سي بي ۾ طلبي جي وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ کيس اڇي گاڏي مان نڪرندي اين سي بي جي آفيس ويندي ڏسي سگھجي ٿو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آريان خان منشيات ڪيس ۾ نامزد هجڻ سبب هن سال سالگرهه جو جشن نه ملهائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.