ليڊي انسپيڪٽر جي ڪڍي حرڪت، نوڪري تان جبري برطرف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ عورت انسپيڪٽر شبانا ارشاد کي مس ڪنڊڪٽ تي نوڪري تان جبري رٽائر ڪيو ويو.

ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) پوليس ڪوئيٽا محمد اظهر اڪرم موجب ليڊي انسپيڪٽر هڪ قتل ڪيس جي جاچ ۾ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ رمانڊ دوران جوابدار کي ڪپڙن کان آجو ڪري جهمر هڻڻ تي مجبور ڪيو.

ڊي آءِ جي ٻڌايو ته جبري رٽائر ليڊي انسپيڪٽر کي صفائي جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو پر هوءَ پنهنجي دفاع ۾ ناڪام رهي.

عورت انسپيڪٽر شبانا ارشاد کي نوڪري تان جبري رٽائر ڪندي آرڊر به جاري ڪيو ويو آهي.

اختيارين ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ جوابدار هڪ عورت هئي، انڪري جاچ به عورت انسپيڪٽر جي حوالي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.