گوگل، جي ميل ۽ يوٽيوب جون سروسز متاثر

سڄي دنيا ۾ مشهور ترين سرچ انجڻ گوگل، جي ميل ۽ يوٽيوب ڊائون ٿي ويو.

سڄي دنيا ۾ سرچ انجڻ گوگل، جي ميل ۽ وڊيو شيئرنگ ۽ اسٽريمنگ ويب سائيٽ يوٽيوب جي سروس ڊائون ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب صبح کان وٺي سڄي دنيا ۽ خاص ڪري يورپ ۾ گوگل، گوگل ميٽ، جي ميل ۽ يوٽيوب ڊائو ٿيو جنهن سبب واهپيدارن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمز تي واهپيدارن طرفان شڪايتن جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.

رپورٽن موجب پاڪستان ۾ به گوگل جون سروسز سستي جو شڪار آهن.

برطانوي ميڊيا موجب ڪجهه ڪلاڪن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ واهپيدارن گوگل ڊائون ٿيڻ جي شڪايت ڪئي آهي جڏهن ته يوٽيوب جي سروس متاثر ٿيڻ جي شڪايت 400 کان وڌيڪ ماڻهن ڪئي.

پر لاڳاپيل ڪمپنين طرفان ان حوالي سان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.