وفاقي حڪومت لاءِ مسئلا وڌڻ لڳا، فنڪشنل ليگ به باغي ٿيڻ لڳي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق کانپوءِ فنڪشنل ليگ به حڪومت اتحاد کان باغي ٿيڻ لڳي.

فنڪشنل ليگ سنڌ جي سيڪريٽري سردار عبدالڪريم چيو آهي ته فنڪشنل ليگ وفاقي حڪومت کان لاتعلقي اختيار ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اتحادين جون پنهنجون دانهون شڪايتون هونديون آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سوچي سمجهي ئي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪيو هوندو، ان ۾ بهتري ئي هوندي.

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف به پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومتي اتحادين جو ڪارو قانونسازي جو حصو بڻجڻ کان انڪار جمهوريت جي لاءِ سُٺو سنئوڻ آهي.

شهباز شريف مطالبو ڪيو ته اتحادين جي انڪار ۽ تحفظن کانپوءِ حڪومت نيب ترميمي آرڊيننس، ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن جا قانون واپس وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.