شهدادڪوٽ: ايس ٽي پي جو فهميده سيال جي قتل خلاف ڌرڻو

خيرپور جوسو ۾ قتل ڪيل فھميدہ سيال جي قتل واري واقعي خلاف ايس ٽي پي پاران شهدادڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻ ڪامريڊ حيات تونيو جي اڳواڻن ۾ ڪارڪنن پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن حيات تونيو,شبير مگسي,امداد سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ اندر معمولي ڳالهين تان بااثر ماڻهن ھٿان بي گناهه انساني جانيون گولين جو کاڄ ٿين ٿيون  پر ڪوبه انهن کي روڪڻ وارو نه آهي جنهن جو مثال خيرپور جوسو ۾ پوليس جي موجودگي ۾ اسراڻ برادري جي بااثرن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل فھميدا سيال جو قتل آهي.

ھنن مطالبو ڪيو ته فھميدا سيال جي قتل ۾ ملوث پپلز پارٽي جي ايم پي اي گھنور اسراڻ سميت ٻين  جوابدار گرفتار ڪري نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.