ڪنڌڪوٽ: وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جو ميمونا سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلا ف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ميمونا سمورو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪرخان سهرياڻي ۾ ڏير ۽ ٻين هٿان قتل ٿيل ميمونا سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن محمدرمضان، اعجاز احمد، عبدالعزيز، عبدالرزاق سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته معصوم نياڻي کي به گناه به دردي سان قتل ڪيو ويو، مهينو گذري وڃڻ باوجود  پوليس هن وقت تائين سندس قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگھي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نياڻي جا قاتل گرفتار  ڪري کين سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.