مٺي ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڊي ايڇ او ۾ ڳالهيون ڪامياب

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر جي ڊاڪٽرن ۽ ڊي ايڇ او وچ۾ ڪورونا ويڪسين دوران تيل سميت سهولتون نه ڏيڻ بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون،ڊاڪٽرن جي وفد ۽ ڊي ايڇ او وچ۾ ڳالهيون ٿيون،جتي ٿر ۾ ڪورونا ويڪسين دوران ڳوٺن ۾ ڊيوٽيون ڪندڙ ڊاڪٽرن پاران تيل،گاڏيون ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف شڪايتون ڪيون،ڊاڪٽرن ڊي ايڇ او کي ٻُڌايو ته فيلڊ ۾ گاڏين سميت تيل نه ٿو ڏنو وڃي،پنهنجي ذاتي خرچ تي ڊيوٽيون ڪيئن ڪيون،پنهنجي خرچ تي ڪم ڪرڻ باوجود 19هين گريڊ جي ڊاڪٽرن جي تذليل ٿي ڪئي وڃي،بيعزتي برداشت نه ڪنداسين،ڊي سي ڊاڪٽرن جي تذليل ٿو ڪري،اسان ڏُکين حالتن ۾ پنهجيون زندگيون خطري ۾ وجهي ڪم ڪيون پيا،ساراهڻ بدران ڌاٻا ۽ ڌڙڪا ملن ٿا،ڊاڪٽرن کي بدلي ٿو ڪيو وڃي،ڊي سي جي اهڙي رويي تي ڏک ٿئي ٿو،ڊي سي اڳ ۾ به سول سرجن مٺي کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.