چمبڙ لڳ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، 12 ڄڻا زخمي

چمبڙ (ن ع آ) چمبڙ لڳ مين چمبڙ ٽنڊوالھيار روڊ تي دل پيٽرول پمپ ڀرسان چنگچي رڪشہ ۽ موٽرسائيڪل جو آمھون سامھون زوردار ٽڪر نتيجي ۾ چنگچي رڪشہ ۾ سوار ننڍي مسڻ جي ڳوٺ لطيف مڱريو واسي ترڪ برادري جي ٽن ٻارڙن 8 ورھين جو رحمان پٽ سليم ترڪ، 5 ورھين جو اسدعلي پٽ سليم ترڪ، 9 ورھين جو نعمان پٽ سليم ترڪ سميت سندن ساڻ 5 عورتون ۽ چنگچي رڪشہ ڊرائيور لياقت ملڪ ۽ سامھون ٽڪرائيندڙ موٽرسائيڪل سوار چمبڙ جي ڳوٺ شيرو شيراڻي واسي 45 ورھين جو غلام عباس ولد محمد حسين شيراڻي سندس گھرواري ۽ 8 ورھين جو معصوم پٽ احسان شيراڻي سخت زخمي ٿي پيا .اھڙي اطلاع تي چمبڙ پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي مقامي ڳوٺاڻن جي مدد سان حادثي جي 12 زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو جتان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد حادثي جي 12 ئي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو جڏھن تہ حادثي جي ززمين مان 4 ڄڻن غلام عباس شيراڻي ۽ سندس زال ۽ 5 ورھين جي اسدعلي 9 ورھين جي نعمان پٽ سليم ترڪ جي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جڏھن تہ چمبڙ پوليس حادثي واري ھنڌا موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.