نصيرآباد پوليس نوجوان کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، جاچ جي گهر

نصيرآباد (ت ر ) ڪالھ رات دير سان نصيرآباد گاجي کهاوڙ روڊ تي مسافر جِي قبر ڀرسان پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڦورو طالب حسين ولد علي حسن ميربحر زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جِي دعوا ڪئي آهي، جڏهن چار ڦورو پوليس کان اونداھي ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، زخمي ڦورو کي علاج لاءِ نصيرآباد رورل هيلٿ سينٽر کان لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ايس ايڇ او نصيرآباد ذاڪر سانڊاڻو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو، ڪجھ ڏينھن اڳ ته رفيق شيخ کان لکين رپيا روڪ رقم ڦر ٿي هئي،ان ڦر جِي واردات ۾ طالب ميربحر، سجاد شيخ، صغير عرف صغو ڪانڌڙو، ارشاد ٻٻر، رشيد ۽ اظهر ڪانڌڙو جيڪي گذريل رات ڦر جي ارادي سان تاڙ ۾ بيٺل هئا، ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جِي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن وارثن دانهيندي ٻڌايو، ته ايس ايڇ او نصيرآباد اسان جي نوجوان طالب حسين ميربحر کي چار ڏينهن اڳ جاچ جي لاءِ کڻي ويو هيو، جنهن کي گذريل رات نصيرآباد گاجي کهاوڙ روڊ تي مسافر جِي قبر ڀرسان جڙتو مقابلو ڄاڻائي ڄنگھ ۾ گولي هڻي نوجوان جِي زندگي تباھ ڪئي وئي آهي، زخمي نوجوان جي وارثن عدلیہ کان گهر ڪئي آهي، ته عدالتي جاچ ڪرائي، نوجوان سان انصاف ڪيو وڃي….!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.