ارسلان ابڙو جا قاتل گرفتار ڪيو، بڊاڻي ۾احتجاجي مظاهرو

بڊاڻي ( رپورٽ : مقبول مڙل ) بڊاڻي نصيرآباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان ارسلان ابڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ڪري بخشاپور ايٽ بڊاڻي پريس ڪلب ۾ سوشل ورڪرن ۽ سياسي ماڻھن جو احتجاج، بڊاڻي نصيرآباد ۾ راڌڻ جي رھواسي سوشل ورڪر نوجوان ارسلان ابڙو کي بيگناه گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف بخشاپور ايٽ بڊاڻي پريس ڪلب ۾ سوشل ورڪر دانش شاھ ايس يو پي اڳواڻ مظھر علي چاچڙ مظھر علي ڀٽو سھيل احمد ڀٽو ۽ ٻين احتجاج ڪيو ۽ نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته نصيرآباد ۾ 14 ڏينھن اڳ ارسلان بڙو کي بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو پر پوليس ھن  وقت تائين ڪيس داخل نه ڪيو آھي نئي قاتل گرفتار ڪري سگھي آھي. اسين سنڌ ھاء ڪورٽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوجوان ارسلان ابڙو جي قتل جو ڪيس داخل ڪري قاتل گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.