گهوٽڪي جيل ۾ موڪل گهرڻ تي رشوت طلب، اهلڪار جا ٻار کپائڻ لاءِ هوڪا، احتجاج

گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو (نمائندا) ميرپور ماٿيلو ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي جي پوليس اهلڪار نثار لاشاري ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي جي وڏي منشي عزيز هڪڙو خلاف احتجاج، پوليس اهلڪار پاران ٻار کپائڻ جا هوڪا ڏنا پيا وڃن، ان موقعي تي ميرپورماٿيلو جي رھواسي پوليس اهلڪار نثار لاشاري چيو ته منهنجي پٽ جو گمبٽ ۾ آپريشن هيو جنهن سبب مون موڪل وٺڻ آيس ته وڏي منشي 7 هزار رشوت جي گهر ڪئي هئي، مان مسڪين هجڻ جي ڪري کيس رشوت نه ڏني ته کيس ٻئي ڏينهن تي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي بدلي ڪيو ويو، هن چيو ته مان مسڪين آهيان مون وٽ ايتري طاقت نه هئي جو مان وڏي منشي عزيز هڪڙي کي رشوت ڏئي سگهان،  آءِ  سنڌ نوٽيس وٺي وڏي منشي خلاف ڪارروائي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.