لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست ليبر فيڊريشن پاران مهانگائي خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) وطن دوست مزدور ليبر ايمپلائيز فيڊريشن لاڙڪاڻي طرفان ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ليبر هال لاهوري محلا کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي ملازمن هٿن ۾ بئنر ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي فيڊريشن جي مرڪزي صدر الطاف حسين ملگاڻي، جنرل سيڪريٽري منظور احمد اهير، غلام رسول ڇڄڙو، اياز احمد اهير، حاجي بشير اهير جميل احمد عمراڻي، انعام علي ابڙو، طارق حسين ملگاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته وفاقي عمران نيازي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين ملڪ جي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو اولاد وڪڻڻ ۽ خيرات پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، بک ۽ بدحالي جي ڪري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪرپشن، جسم فروشي ۽ ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ معاشرو انارڪي جي ور چڙهي ويو آهي، پر حڪمران اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا لڳا پيا آهن، جن کي غريب ماڻهن جون دانهون ۽ تڪليفون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ نه ٿيون اچن. هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين سبب اڄ غريب ماڻهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪمراني وارا وقت ياد اچي رهيا آهن، جن جي حڪومتي دورن ۾ امن ۽ خوشحالي هئي، ماڻهو عزت جي زندگي گذاريندا هئا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومت وقت به ملڪ جي عوام کي ساڳيوئي سک ۽ امن مليل هيو، پر نيازي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عوام کان سک سان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، اسان چاهيون ٿا ته جلد نيازي حڪومت جو خاتمو اچي ته جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.