لاڙڪاڻي ۾ شادي نه ڪرائڻ تان پورهيت پاران آپگهات ڪوشش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ڦل روڊ واري علائقي ۾ شادي نه ڪرائڻ تان 20 سالن جي کير وڪرو ڪندڙ پورهيت نوجوان سڪندر پٽ غلام شبير ڀٽو پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان سڪندر علي شادي نه ڪرائڻ واري ڳالهه تان پاڻ کي سيني ۾ پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.