شڪارپور ۾ بدفعلي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 14 سال سزا

شڪارپور( ڊ  ر )  گذريل ڏينھن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت پاران جوابدار دلشاد مھر  پٽ شاھنواز مھر ويٺل وزيرآباد ،لکي جي رھواسي کي سال  2020 ۾  6 سالا نينگر  اقرار سان  بدفعلي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي  قلم 377 تحت 10 سال ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آھي، جڏھن ته ساڳئي ئي ڏوھاري کي قلم 377B تحت 14 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آھي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ 6 مهينن جي وڌيڪ سزا ڀوڳڻي پوندي،ياد رهي ته مذڪورہ جوادار خلاف متاثر معصوم جي والد الھورايو مھر  سال 2020 ۾ ڪرائم نمبر 8/2020 لکي پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪرايو ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.