ٿر پارڪر ۾ مهانگائي، روز مرهه جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ انتظامي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب مهانگائي جي طوفان عوام کي گهيري ڇڏيو آهي،مُلڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ بعد ٿر جي سمورن شهرن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ننگر پارڪر،ڪلوئي،چيلهار،ڏانو ڌانڌل،ويراھ واھ،مبارڪ رند ۾ هٿرادو مهانگائي وڌي ويئي آهي،جنهن سبب شهرن ۾ اٽو 70 روپيا ۽ ٻهراڙين ۾ 90 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي،شهرن ۾ کنڊ 150 ۽ ٻهراڙين ۾ 170 روپيا ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي،هٿرادو مهانگائي ماڻهن جو ويتر ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي،کاڌي پيتي جي سمورين شين جي اگهن ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي ويئي آهي،پر هٿرادو مهانگائي کي روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ڪو به قدم ناهي کنيو،ٿر جي روٽن تي هلندڙ ٽرانسپورٽرن به تيل ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي ڀاڙن ۾ سئو تي پنجاھ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي،جنهن سبب مسافر سخت پريشان ٿي ويا آهن،جڏهن ته دوائن جي اگهن ۾ به واڌ سبب غريب مريض پريشان ۽ دربدر ٿي ويا آهن،ٿر ۾ وڌنڌڙ هٿرادو مهانگائي جي باوجود ضلعي انتظاميا مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي،ڊي سي ٿرپارڪر ڪڏهن به هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ به اجلاس ڪوٺائڻ جي زحمت ناهي ڪئي،جنهن سبب مهانگائي گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي،ٿر واسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊي سي ٿرپارڪر جي خاموشي جو نوٽيس وٺي عوام کي هٿرادو مهانگائي مان نجات ڏياري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.