ٽنڊو محمد خان ۾ ووٽر لسٽن جي ترتيب، ڇنڊڇاڻ، نوان ووٽ داخل

ٽنڊومحمدخان (   ڊر ) ٽنڊومحمد خان ضلعي ۾ ووٽر لسٽن جي مڪمل ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري نوان ووٽ داخل ڪرڻ ۽ فوتي ووٽرن جا نالا ختم ڪرڻ لاءِ272 استادن کي مقرر ڪري تصديقي عمل شروع ڪيو ويو آهي، ٽنڊومحمدخان جي ضلعي اليڪشن ڪمشنر احمد نديم شيخ سندس آفيس ۾ ضلعي ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته  ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۽ جنرل اليڪشن 2023 جي تياري جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران پوري ملڪ ۾ 7 نومبر کان ووٽر لسٽن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي جيڪو 6 ڊسمبر تائين جاري رهندو. جڏهن ته ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ضلعي جي تعليم کاتي جي استادن کي اسسٽنٽ رجسٽريشن آفيسر، سپروائيزر ۽ ويريفيڪيشن آفيشل طور مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪي گهر گهر تصديق ڪري ووٽرن کي سندن صحيح بلاڪ ۾ داخلا جي لاءِ تصديق جو عمل سرانجام ڏئي رهيا آهن. اجلاس ۾ ضلعي ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي مميبرن شبانه چانڊيو، سيد امجد شاهه، عاشق علي ڀٽو، علي نواز لنڊ، اسحاق سولنگي، غلام علي شاهه ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

  •  جاتي ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي، هزارين روپيا ڏنڊ

جاتي(ن ع آ)جاتي ۾ مهانگائي جي شڪايتن تي انتظاميان پاران منافا خور واپارين جي دڪانن تي ڇاپا هڻي هزارين روپيا ڏنڊ ودو ويو،مختيارڪار جاتي شاه مراد تنيو جاتي شهر ۾ دڪانن تي اوچتو ڇاپا هڻي ريٽ لسٽون چيڪ ڪندي ۽ روزمره جي شين اگھ وديڪ وٺندڙ دڪاندارن تي هزارين روپيا ڏنڊ ودو،انهئَ موقعي تي مختيار ڪار جاتي شاه مراد تنيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وديڪ اگھ وٺندڙ واپارين کي ڪڏهن بخش نه ڪيو ويندو اسان جي ڊيوٽي آهي ماڻهن جي خدمت ڪيون.

  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ بخشڻ مهراڻوي سان سرهي سانجهه

ٽنڊوڄام(پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نامياري شاعر، اينڪرپرسن، ڪمپيئر ۽ شاعر بخشڻ مهراڻوي سان سرهي سانجهه ملهائي وئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ٽيچرس اسٽوڊنٽس انگيجمينٽ پروگرام ۽ ايس اي يو المنائي سوسائٽي جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي گريجوئيٽ رول ماڊل ۽ متاثر ڪندڙ شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد بخشڻ مهراڻوي سان سرهي سانجهه ملهائي ويئي،تقريب ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ڪيتن علائقن کان آيل استادن، شاگردن ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ ٿيون، پروگرام جي صدارت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي، تقريب کي وي سي ڊاڪٽر فتح مري ،محمود مغل، نسرين الطاف ، مزاحيه اداڪارن سهراب سومري، علي گل ملاح ۽ اصغر کوسي پنهنجي خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.