ڪوٽ ڏيجي ۾پوليس جي چڙهائي، 5 ڳوٺاڻا کنڀي وئي، ا حتجاج

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي شهر جي  پير دلبر محلا جي محمد نواز عرف ممن راڄڙ، راڻو خان راڄڙ ۽ ٻين جي  گھرن مٿان ڪنب پوليس  چڙهائي  ڪري  گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ مردن مٿان تشدد ڪري راڄڙ برادري جي گھرن ۾ بيٺل 5 منهيون هڪ موٽر سائيڪل ۽ 5 ڄڻا جنهن ۾ محمد نواز عرف ممن راڄڙ، راڻو خان ،محمد رضا ،چنيسر ۽ سلطان احمد راڄڙ کي کنڀي کڻي وڃڻ خلاف راڄڙ برادري جي الھ بچايو، فقير قائم راڄڙ جي اڳواڻي ۾ ڪنب پوليس جي چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڍيا کي ٻڌايو ته ڪنب پوليس بي گناهه اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ مردن مٿان تشدد ڪري گھرن ۾ بيٺل 5 منهيون هڪ موٽر سائيڪل ۽ 5 ڄڻا جنهن ۾ محمد نواز عرف ممن راڄڙ، راڻو خان ،محمد رضا ،چنيسر ۽ سلطان احمد راڄڙ کي بي گناهه کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيا آهن ۽ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان به کڻي ويا آهن هنن وڌيڪ چيو ته ڪنب پوليس جو چوڻ هو ته ڪلادي برادري جي نوجوان عبداللطيف عرف جوڳي ڪلادي جي قتل ۾ ملوث مولي محمد عرف ولو راڄڙ کي توهان پناهه ڏني آهي پر اسان جو ولو راڄڙ سان ڪو به واسطو ناهي نه ئي هنن سان اسان جي ڀت برادري آهي نه وري اسان هڪ ٻئي ڏانهن ايندا ويندا آهيون هو صرف اسان جي ذات ۾ آهن پر ڪنب پوليس بااثرن جي وانگر وهي بي گناهه گهرن مٿان چڙهائي ڪري اسان جي 5 ماڻهن کي کنڀي کڻي وئي آهي. هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور سميت لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بلاجواز ڪنب پوليس پاران گهرن مٿان چڙهائي ڪري گرفتار ڪيل 5 ڄڻن کي آزاد ڪري گھر مان ڪاهي ويل 5 منهيون ۽ موٽر سائيڪل واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.