شوڪت شوري جي پوئيرن سان تعزيت، ٽيجهو اڄ ٿيندو

ڄامشورو ( ڊ ر ) ناليواري اديب دانشور ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شورو  جي لاڏاڻي تي سندس پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي،  جڏهن ته ٽيجهو اڄ جمعي نماز کانپوءِ  ڄامشورو ۾ ٿيندو. سنڌ جي ناليواري اديب دانشور ۽ ڊراما نگار ماٺيڻي طبيت جي مالڪ شوڪت حسين شورو  جي لاڏاڻي تي سندس پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد نواز ڀٽو، پروفيسر اقبال قاضي، ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نياز ملڪاڻي،  قائد عوام نواب شاهه جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪريم بلوچ، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر اسماعيل ڪنڀر ، قلمڪارن سنڌ جي ناليواري اديب ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي، ادريس جتوئي، پروفيسر فهيم نوناري، محسن جويو، محمد يوسف جويو، ايڇ ايم چانڊيو، ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ڊاڪٽر سڪندر شورو، ڪاشف شورو، ٺٽي جي پ پ پ ايم اين اي سيد شفقت شاهه شيرازي، ايم پي اي شوڪت ملڪاڻي، بدين ضلعي جي اڳوڻي ناظم انور علي هاليپوٽو، نيشنل بينڪ جي ريجنل هيڊ پرڪاش لال، ڊپٽي ڊي او تعليم ڄامشورو حسين بخش سارنگ ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي جڏهن ته  ٽيجهو اڄ جمعي نماز کانپوءِ  سندس گهر تي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي مک گيٽ سامهون سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.