راڄو خاناڻي ارڙي بابت سيمنار، ماهرن پاران ڄاڻ ڏني وئي

راڄوخاناڻي (ن ع آ) راڄوخاناڻي شهر جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ سڀ کان پهرين ارڙي روبيلا ويڪسين ٽيمن جي ٽريننگ فرسٽ ليول سپروائيزر محمد اسلم جوڻيجو پاران پنجاھ کن ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريفريشر ڪورسن بابت ڄاڻ ڏيندي سپروائيزر محمد اسلم جوڻيجو سمورن ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مڪمل طور ڄاڻ مھيا ڪري کين آساني سموريون اھم شيون سيکاريون ويون کين اھم ڳالھين جي مڪمل ڄاڻ فراهم ڪئيانھي ٽريننگ سيشن کان پوءِ راڄوخاناڻي رورل هيلٿ سينٽر کان سرائي چوڪ تائين ارڙي روبيلا بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ايم ايس ڊاڪٽر نياز ٽالپر محمد اسلم جوڻيجو منظور سمون ريلي شهر جي مختلف سياسي سماجي سول سوسائٽي جي نمائندن ء سوين ليڊي هيلٿ ورڪرز ء اسپتال جي اسٽاف شرڪت ڪئي ريلي ۾ شامل ماڻهن وٽ پلي ڪارڊ ھٿن۾ کنيل ھئا ريلي خطاب ڪندي چيو ته 15نومبر کان 27نومبر تائين ارڙي روبيلا ويڪسين لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن پيون اسين سڀ ڏينهن رات محنت ڪري ھن مھم کي ڪامياب ڪرڻ سمورن ماڻهن کي پنهنجو قومي فرض محسوس مھم ڪامياب ڪرثي پوندي والدين کي اپيل ڪريون ٿا تہ پنھنجن 9 مھينن کان پندرهن 15 سالن جي ڄمار ٻارن کي ارڙي روبيلا کان بچاء واري ويڪسين لڳائڻ جي مھم شريڪ ٿي ٻارن جون حياتيون بچائڻ جي ڪوششن کي ڪامياب ڪن سماج جي سمورن طبقن کي گڏجي ارڙي روبيلا جي خاتمي واري مهم ڪامياب ڪرڻ گھرجي.

  • ڀرياسٽي فاطمه فرٽيلائيز ر پاران پيداوار عنوان تي سيمينار

ڀرياسٽي ( ن ع آ )  ڀرياسٽي جي شاهه ڪاٽن فيڪٽري ۾ فاطمه فرٽيلائيزر پاران شاهه گروپ آف انيڊسٽريز جي تعاون سان ڪڻڪ جي سٺي منافع  بخش پيدوار جي عنوان هيٺ سيمنار ٿي گذريو سيمنار ۾ فاطمه فرٽيلائيزر جي نمائندن سميت ايگريڪلچر کاتي جي آفيسرن زرعي ماهر سميت آبادگارن سياسي سماجي اڳواڻن هارين ۽ صحافين دوڪاندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيمينار کي اڳوڻي ضلعي نائب ناظم سيد حسن علي شاهه ،  اڳواڻي ايم پي اي سيد نور محمد شاهه ، سيٺ پريم چند ڪوهستاني، عبدالمجيد وسطڙو، الطاف حسين چنڙ،  عبدالصمند ابڙو،  اسلام دين ميمڻ، ڪيلاش ڪمار، غلام سرور مستوئي ۽ ٻين ڪڻڪ جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ آبادگارن ۽ ڪڙمين کي آگاهي ڏيندي چيو ته آبادگارن ۽ ڪڙمين کي گهرجي ته هو سڀ کان پهريا پنهنجي زمين جي ليول ۽ زمين جو پڌ چيڪ ڪرائين ان بعد سٺا تصديق ٿيل ٻج ۽ ڀاڻ زرعي جيت مار دوائو استعمال ڪري سٺي پيداوار حاصل ڪري سگهن ٿا ۔هنن وڌيڪ چيو ته فاطمه فرٽيلائيزر رزاعت جي ترقي لاءِ سٺا ڀاڻ آندا آهن، جڏهن ته سيمينار ۾ آيل مهمانن کي فاطمه فرٽيلائيزر گروپ پاران سنڌ جي سوکڙي  اجرڪن ۽ شيلڊن جا تحفا ڏنا ويا، جڏهن آخر ۾ آيل سڀني مهمانن کي مانجهاندو پڻ ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.