لاڙڪاڻي ۾ جوابدار گرفتار، 2 موٽر سائيڪل هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ايس ايڇ او علي گوهر آباد انسپيڪٽر اميد علي شاهه چيڪنگ دوران ڦل روڊ تان اشتهاري جوابدار محمد فيصل عرف راجا پٽ ظفر چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار باقراڻي ٿاڻي تي داخل گناهه نمبر 2010/25، قلم 506/2، گناهه نمبر 2021/30 قلم 506/2 وارن ڪيسن ۾ روپوش آهي. هوڏانهن تعلقي ٿاڻي جي پوليس شهري عامر ٻرڙو جي ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ رحمت پور ٿاڻي جي پوليس شهري اخلاق ٽڳڙ جي چوري ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.