ميهڙ ۽ ڀرپاسي بدامني، هفتي ۾ 15 وارداتون

ميهڙ  (ن ع آ) ميهڙ شهر مان امن جو پکي اڏامي ويو هڪ هفتي اندر ڦرن ۽ چورين جون 15 وارداتون ميهڙ اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڏوهن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ايس ايس دادو ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو شهري غير محفوظ بڻيل خبر موجب مائي ۽ ميندي جي خوشبو سان سڃاتو ويندڙ ميهڙ شهر مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي هڪ هفتي اندر ميهڙ شهر ۾ ڦرن ۽ چورين جون 15 جي لڳ ڀڳ وارداتون ٿي چڪيون آهن ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ڪنفيڪشنري جي واپاري هدايت الله چانڊيو کان انڊس هاء وي تان نامعلوم ڦورن هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ميهڙ شهر جي ڊگري ڪاليج مان انٽر جي شاگرد احسان سوڍر جي نامعلوم چاٻي چور موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا ٻئي طرف ميهڙ جي ٿيٻن ڀرسان نامعلوم ڦورن انڊن جي واپاري نويد سولنگي کان لکين روپيا روڪ رقم ۽ موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بلبل مسجد ڀرسان نامعلوم ڦورن هٿيارن جي زور تي سنگريٽن جي ايجنسي تي چڙهائي ڪري ايجنسي مالڪ جاني شيخ ۽ سندس ملازم کي يرغمال بڻائي روڪ  رقم ۽ موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلم چنا ۽ فارس مهيسر کان موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل فونون به ڦر ڪيون ويون هيون واپاري سوز علي چانڊيو جي گهر مان  نامعلوم چورن پاران لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو هو ۽ ستار بروهي جي دوڪان مان مشنون ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو هو ٻئي طرف ميهڙ اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڏوهن تي ظابطو آڻڻ  ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن جڏهن ته ايس ايس پي دادو به ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه ورتو آهي ۽ ميهڙجا شهري امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سبب غير محفوظ بڻيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.