کدڙن کي معاشري ۾ گهربل عزت نٿي ملي: امداد چانڊيو

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته کدڙن فقيرن کي حڪومتي مالي امداد جي اسڪيمن ۾ شامل ڪري کين بينڪن مان گهٽ وياج تي قرض ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجو ڪاروبار کولي هن معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن ۽ حڪومتي سطح تي جوڙيل کدڙن فقيرن جي فلاح و بهبود ۽ سندن حقن بابت جوڙيل قانون تي عمل ڪيو وڃي. ڪالهه هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان “کدڙا فقير ۽ پاڪستان ۾ انهن جا حق” جي عنوان هيٺ فڪري ويهڪ ٿي گذري. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ سڀني کي برابر جا حق تسليم ٿيل آهن، پر کدڙن فقيرن کي جنس جي بنياد تي معاشري ۾ اها عزت نٿي ملي، ايتري تائين جو حڪومت سطح تي مالي امداد ۾ به کين نظرانداز ڪيو ويو آهي. فقير ثنا چيو ته اسان جي حقن بابت 2018ع ۾ قانون ته جوڙيو ويو آهي، پر ان تي عمل ئي نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته فقيرن کي 5 سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا موجود آهي، پر اسان سان ڪو آفيسر ملڻ لاءِ ئي تيار ناهي، ايتري تائين جو بينڪ توڙي مختلف هنڌن تي موجود لائين ۾ عورتون توڙي مرد اسان کي بيهارڻ لاءِ ئي تيار ناهن، مجبورن اسان پنڻ تي مجبور آهيون. گرو اشرف سنئيا چيو ته  آئين ۾ ته سڀ انسان برابر آهن، پر معاشري ۾ اسان کي انسان ئي نٿو سمجهو وڃي، جيڪڏهن  حڪومت فقيرن کي سپورٽ ڪري ته کدڙا فقير پنڻ سميت ڪرپشن ڪرڻ بند ڪندا. سماجي اڳواڻ نازش فاطمه چيو ته  اڃا تائين فقيرن کي سول سوسائٽي قبول ئي نه ڪيو آهي،  ايتري تائين جو فقيرن جي قاتلن کي سزا ئي نٿي ڏني وڃي.  هن چيو ته سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ طرفان مقرر ٿيل فنڊ ئي فقيرن جي ڀلائي لاءِ استعمال نٿا ٿين. ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري چيو ته فقيرن کي تعليم حاصل ڪري ڪاروبار طرف وڃڻو پوندو، تڏهن ئي سندن سوچ تبديل ٿيندي.  ايڊووڪيٽ اياز منگي چيو ته معاشري ۾ تبديلي اچي رهي آهي، هاڻي فقير به تعليم پرائي رهيا آهن، حڪومت کي سندن ڪوٽا تي عمل ڪرڻو پوندو. سماجي اڳواڻ شميم اختر چيو ته اسان جو ادارو کدڙن فقيرن کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن حقن بابت کين آگاهه ڪيو ويندو. ان موقعي تي غفرانا آرائين، لالا حليم  شيخ، ارشاد چنه، اشوڪ شرما، فاضل چنه، ساجد علي خان، اعجاز چانڊيو، رومس ڀٽي، سنجي ڪمار،  فهميده جوڻيجو، قيصر پروين ۽ گونمينٽ نذرٿ ڪاليج ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنڪي پڻ خطاب ڪيو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.