معيشت، ادارن جو خانگائڻ ۽ حڪومتي احوال 

تحرير؛رياض ابڙو 

حصو  پهريون

مڃون ٿا ته ڪووڊ ملڪن جا هڻي لاھ ئي ڪڍي ڇڏيا آهن، جو معيشتن کي سڌي ٿيڻ ۾ سال لڳندي ويندا، آءِ ايم ايف جي مطابق ملڪن جون معيشتون ٿي سگهي ٿو 2025 تائين پنهنجي ”ٽريڪ“ تي اچن، ان کان پهرين معيشتن جو بحال ٿيڻ مشڪل آ، پر اسان وارن يارن جون ڊاڙون کٽن ئي نه ٿيون عملي ڪم ڪجهھ به ناهي مثال اسان ڪو صنعتي ڄار ناهن وڇايا، اسان ڪو نوان منصوبا ناهن ٺاهيا، اسان جا هاڻوڪا حڪمران اڳين حڪومتن جي ڏنل منصوبن جون رونمايون ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ پاڻ هڪ منصوبو به تيار نه ٿا ڪن. هنن جو اهو چوڻ آ ته هي ڪو به اهڙو ترقياتي پروگرام نه هلائيندا جنهن جو افتتاح ايندڙ سرڪار ڪري پوءِ اها ڊاڙ به نه هڻن ته معيشت 4.2 جي واڌ جي شرح سان 2021 ۽ 2022 ۾ وڌي ويندي، وري جي ساڳي اسپيڊ سان هلي ته ايندڙ سالن ۾ 4.6 ۽ وري اڃان به ايندڙ سالن ۾ 5.1 جي شرح سان وڌندي رهندي، ۽ هلندڙ سال ۾ 2.9 سان مٿي ايندي ويندي جيڪا پڻ ڪٿيل بجيٽ جي ٽارگيٽ کان پڻ گھڻي آ، هي چون ٿا ته بجيٽ ۾ هنن جو ٽارگيٽ 2.1 آهي پر معيشت ان کان به وڌي ويندي، ڇو ته هنن ادارن جي خانگائڻ جي ڪري ايندڙ ٽيڪس رٽرن، يا سرڪار جي مٿان انهن 44 ادارن جي خانگائڻ جو بار يا انهن جي ”لائبلٽي“ مان جان ڇڏائڻ جي ڪري حڪومتي سبسڊي، بجيٽ ۽ خرچن کاٻارن مان جان ڇٽندن، وري ادارن جي خانگائڻ، انهن جي ڊپازٽ، ٽيڪس ۽ ٻين لاڳاپيل حڪومتي ڀڳت جي ڪري سرڪار جي خزاني ۾ پئسيو ڪرندو رهندو ان ڪري سرڪار جو خزانو ڀربو، وري مٿان آءِ ايم ايف کان پئيسن جي قسط ايندي رهندي، معني ان ڪري خزانو ڀربو رهبو، ڇو ته معيشت ٻين طريقن سان ڀرجي نه ڀرجي پر ٽيڪس رٽرن ۽ آءِ ايم ايف جي قرض جون قسطون سرڪار جا کيسا ڀري ڇڏينديون ۽ اهي ئي حرفتون ڪم ڪنديون باقي ٻي معيشت پئي کڏ ۾، پر ان ڪري سرڪار کي وڏو آسرو آ ته بجيٽ جي کوٽ پوري ٿيندي، آءِ ايم ايف جي پئيسن اچڻ سان ترقياتي ڪم تيزي سان ٿيندا جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ ايڪسچينج ريٽ وڌندو، پبلڪ، پرائيويٽ سيڪٽر ۽ انٽرپرائيزز ۾ واڌارو ايندو، معني جي 44 ادارا خانگائبا ته انهن جي مالڪن کي وري انهن جي ذيلي يا ننڍين ڪمپنيون کولڻ ۾ آساني يا واڌ ايندي، ڇو ائين ٿيندو آ ته جي ڪا به بينڪ کلي ٿي ته پوءِ اها پنهنجا سروس پرووائيڊر ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون ڪمپنيون به کولي ٿي مثال پنهنجي انشورنس ڪمپني، پنهنجي سيڪيورٽي ڪمپني يا ٻيون سروسز وغيره، ائين ئي ٻيون ڪمپينون جيڪي به خانگايون وينديون اهي به پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا ادارا جوڙي پنهنجا خرچ کاٻار بچائينديون، پر ان سان حڪومتي ٽيڪس جا دائرا به وڌي ويندا، هنن جي اها به دعوي آهي ته ساڍن چئن لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي روزگار ملندو جيڪي ملڪ جي موجوده روزگار جو 0.8 سيڪڙو ٿيندا، معني حڪومت انهن 44 ڪمپنين جي ملازمن جي پگهارن مان، ڪمپنين جي نقصان مان جان ڇڏائيندي، انهن جي ٻين سهولتن معني ملازمن کي بونس، انهن جي ٻارن جي تعليم، ميڊيڪل، لائيف انشورنس، رهائشي سهولتن ۽ يوٽيلٽي بلز ۽ اهڙن ٻين زميوارين مان به جان آجي ڪندي، پر ادارن جي خانگائڻ سان ته ماڻهن کي حڪومت گهر ڀيڙو ڪندي جئين اسٽيل مل جا ملازم پوءِ اها 0.8 جي مٿڪي ڪيئن ايندي جنهن تحت ماڻهو وري روزگار سان لڳندا؟ هنن اهڙو تجربو ته اسٽيل مل جي 4000 ملازمن کي ڪڍي ڪري ڏٺو، پوءِ وري اها ڊاڙ ڪيئن ٿا هڻن، معني ماڻهن کي هنن ته چريو ڪري لڌو آ، معيشت جو ٻيڙو ٻڏل آ پر حڪومتي ڪاڳرن ۽ آفيسن ۾ معيشت بحال آ، پوءِ وزيرن جو ايوان ۾ اهڙين ڪوڙين دعوائن خلاف ثبوت کڻي پڄڻ ٺهي ٿو، جيڪي معيشت جي بحالي جا ڪوڙا انگ اکر مڃن ئي نه ٿا.

حڪومتي اشارن مطابق في حال 44 ڪمپنيون هن سال خانگايون وينديون ۽ 88 ادارن کي وري ٻيهر جياريندا توڻي جو سرڪار کي 88 ارب روپين جو هر سال خسارو ٿو ٿئي پر ان جي باوجود به سرڪار پي آءِ اي، ريلوي، واپڊا، پاڪستان پوسٽ آفيس، پي ٽي وي ۽ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جهڙا ادارا نه خانگائيندي، اهي ادارا وري حڪومت وٽ ئي رهندا، پر بجلي جا مڙئي ذيلي ادارا جن ۾ حيسڪو (حيدرآباد) ليسڪو (لاهور) پيسڪو (راولپنڊي) سيپڪو (سيالڪوٽ) ميپڪو (ملتان) فيسڪو (فيصل آباد) ڪيسڪو (ڪوئٽا) ۽ هڪ پاور جنريشن ڪمپني ڄامشورو به هر صورت خانگائبا، وري ٻين ادارن ۾ پاڪستان ٽيڪسٽائيل سٽي، اسٽيٽ انجينيئرنگ ڪارپوريشن، ٽيليفون انڊسنٽريز آف پاڪستان جيڪي 38 ارب روپين جو نقصان ٿيون ڏين، اهي به خانگايون وينديون، جن ۾ زرعي ترقياتي بينڪ 38 ارب روپيا نقصان ٿي ڪري، يوٽلٽي اسٽورز 14 اربن جو نقصان ٿا ڪن، سوئي سائودرن ڪمپني 14 ارب روپين جي نقصان ۾ آ، ان ڪري انهن کي خانگائي حڪومت بلين روپيا بچائيندي جنهن سان حڪومت جي زميواري ”لائبلٽي“ ۾ جهڪائي ٿيندي ۽ بدلي ۾ ٽيڪس ڪمائي سگهبي، ڇو ته في الحال انهن 44 ڪمپنين جي هجڻ سان حڪومت کي 284 بلين روپيا نقصان ڀرڻو ٿو پوي، پر پوءِ به حڪومت معيشت بحال ڪيون ويٺي آ، حيرت آ.

(هلندڙ)

 

 

 

 

 

ڇو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي بهترين پالييسين جي ڪري هاڻوڪي حڪومت کي 50 سيڪڙو تائين نقصان گهٽ ٿيو آ، پر پوءِ به بجيٽ ڊيفيسٽ آ، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا پورا ناهن ٿيا، آءِ ايم ايف کان قرض کپن، سرڪيلور ڊيٽس ۾ واڌ آ، ماڻهن جي حالت زار هجڻ جي ڪري فيڪٽريون، صنعتون، گئس ۽ بجلي جون رهتون، ٽيڪس جون رهتون، يا ٽيڪس جون چوريون به آهن حڪومت ڪمائي به ٿي، جي ڊي پي به ڀلي آ، ماڻهن جي في ڪس ڪمائي به ڀلي آ، ڪووڊ جي هوندي به حڪومت زبردست پئي هلي جتي يورپ جا ملڪ ويهي ويا اتي لاڪ ڊائونن جي هوندي به اسان وڏا خوشحال رهياسين ۽ آهيون، ماڻهن ۾ قوت خريد وڏي شاندار رهندي آئي آ، حيرت آ ته  فرضي ۽ خيالي پلاون کان حڪومتي ڌريون مڙن ئي نه ٿيون، پر سرڪار ان ڳالھ جي ضرور متلاشي آ ته ”ٽيڪس بيس“ جا اگھه وڌايا وڃن، معني جيڪا ٽيڪس ورتي ٿي وڃي ان جي قيمت ۾ واڌ ڪئي وڃي، پر ائين ڪرڻ سان ته ”ترن جو تيل ترن مان نڪرندو“ معني ٽيڪس ڏيندڙ فيڪٽري اونر ۽ صنعتن جو مالڪ ته پئسن جي ڪسر وري عوام مان ڪڍندو، پوءِ هي ته صنعتڪارن کي دعوت ٿا ڏين ته مهانگائي ڪيو، اگهھ وڌايو، شين جو معيار ڪيرايو، ٻي ڪا ڦيرڦار ڪيو پر ٽيڪس جا پئيسا وڌائي ڏيو، مهانگائي ڪري ماڻهن جي چيلھ چٻي ڪيو، وري هي ”ٽيڪس نيٽ“ وڌائيندا، معني جيڪي سيڪٽر پهرين ٽيڪس نه پيا ڏين اهي هاڻي وري ٽيڪس نيٽ ۾ ايندا، اهي به ٽيڪس ڀريندا، جي اهي سيڪٽر ”ايف ايم سي جي“ معني “فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊس“ ۾ اچن ٿا ته اهي به مهانگائي ڪندا، اهي به بي ايماني ڪندا، اهي به شين جا اگهھ وڌائيندا، وري سرڪار ”ريشنلائيزيشن“ ڪري سبسڊين ۾ گهٽتائي ڪندي، جيئن هنن بجلي، گئس، پيٽرول تان سبسڊي هٽائي ته شيون مهانگيون ٿي ويون، تئين هي يوٽلٽي اسٽورن تان سبسڊي هٽائييندا ته شيون ڀلي آسمان سان ڳالهيون ڪن، جيئن پي پي ۽ نون ليگ جي دور ۾ پيٽرول، گئس ۽ بجلي جا اگھن ۾ روز روز اضافو نه ٿيندو هيو پر هاڻي پي ٽي آءِ سرڪار جي سبسڊي هٽائڻ جي ڪري شيون وڃن ٿيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون، وري اهڙي طريقي سان بجيٽ ڊيفيسٽ وڌائجي ته جيئن آءِ ايم ايف پئسا ڏئي ۽ ٽيڪس جا دائرا وڌائجن، ڇو ته حڪومت عوام جي کيسي مان پئسو ڪڍي رڳو پنهنجي پورت ڪيون ويٺي آ، عوام وڃي پئي کڏ ۾.

وري پبلڪ سيڪٽر ۾ هلندڙ ڪمپنين، صنعتن ۽ بئينڪن ۾ سڌارا آڻيندا نه ته ٻي صورت ۾ خانگائيندا، ”انرجي ٽرانسميشن“ جي ادارن معني بجلي ۽ گئس جي ادارن ۾ سڌارا آڻيندا نه ته ٻي صورت ۾ کپائي پرائيويٽ پراپرٽي ڪري ڇڏيندا، وري انرجي سيڪٽر جا ادارا ته هنن طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اهي چائنا کي ڏيندا، جيئن بجلي جي ادارن ۾ ”ڪي اي“ عربن جي چنبي مان نڪري هاڻي شنگهائي ڪمپني کي ڏيندا (يا ڏيڻ جا سانباها ڪيا اٿن) ائين ٻيون پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون به چائينا ڏي وينديون، زرعي سيڪٽر جا سڌارا، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر ۾ واڌ معني حڪومت گهٽ اگھن تي عوام کي سستا گهر مهيا ڪندي، وري آءِ ايم ايف ته هنن کي ڊڄ ڏئي ڇڏيو آ ته جي هنن اهي سڌارا مهل سان نه آندا ته مهانگائي جي ڪري عوام جو حال برو ۽ بد ٿيندو ويندو، ۽ اها ڳالهھ ته ناڻي جو هاڻوڪو وزير به مڃي چڪو آ ته ايندڙ چئين سالن ۾ جي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ته ملڪ جو الله واهي آ، وري مرڪز کي اهو وڏو ڏک آ ته ارڙهين ترميم جي ڪري وفاق وٽ گهربل پئيسو ناهي رهيو، جنهن جي ڪري اهي بجيٽ ڊيفيسٽ، ڪرنٽ اڪائونٽن جي خسارن، ۽ سرڪيلور ڊيٽس جهڙن مسئلن ۾ ڦاسي پيا آهن، ڇو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ جي تقسيم کان پهرين اهي ارڙهين ترميم ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ٿا چاهن ته جيئن اين ايف سي ايوارڊ ۾ گهربل ڪٽوتي ڪري سگهن، مثال هنن جي نيت ۾ آ ته هن دفعي 57.7 جي شرح سان صوبن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ورهائجي، پر اهو به چون ٿا ته اهڙي ورڇ جي ڪري وفاق وٽ ترقياتي ڪمن ۽ هاڻوڪي سال جي لاءِ بجيٽ لاءِ پئيسا بچندا ئي نه، ان ڪري ان ۾ اڃان ڪٽوتيون ڪجن يا مورڳو ڏجي ئي نه، وري پيٽرول جي مٿان اڃان به ٽيڪسز هڻڻ ٿا چاهن، گئس ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ ٿا چاهن، جنهن سان حڪومت جا کيسا ڀرجن، پوءِ اهڙين پاليسين جي ڪري عوام ته ويندو مهانگائي ۾ دٻدٻو، پوءِ وري معيشت بحال ڪيئن سمجهون جو حڪومتي وزير ويٺا ٿا ٺُمريون هڻن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.