حڪومت کان وسري ويل معذورن جي ڪوٽا

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

پاڪستان جي آئين قانون ۾ سڀني شھرين کي برابريءَ جا حق مليل آهن پر انهن سان گڏ جيڪي معذور اسپيشل ماڻهو آھن انھن کي قانون موجب وڌيڪ حق مليل آهن سنڌ اندر گذريل ڪيترن سالن کان معذورن خاص ماڻهن جي سار سنڀال نه لھڻ ڪري ويچارا ڏينھون ڏينهن وڏين تڪليفن ۽ آزمائشن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن سڀ کان پهرين ته سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن عورتن جي مخصوص سيٽن سان گڏ ٻين ماڻهن لاءِ اسمبليءَ ۾ خاص سيٽون مقرر ٿيل آهن پر انهن جي مقابلي ۾ غريب عوام، معذورن، جي لاءِ ڪي به مخصوص سيٽون نه رکڻ سندن حقن تي وڏو ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي وڏي ڳالهھ ته صوبائي توڙي وفاقي کاتن ۾ انھن معذورن جي خاص ڪوٽا مقرر ٿيل ھوندي آھي جنھن تحت انھن معذورن کي سرڪاري نوڪريون ڏئي ڪري کين مشڪل زندگيءَ کي آساني سان گذارڻ جو واحد ذريعو آهي پر افسوس ته ادارن ۾ اھڙي ڪوٽا ھجڻ باوجود صوبائي توڙي وفاقي حڪومت انھن معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ سبب ويچارا معذور ماڻھو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

اڄ ڪلھه رڪارڊ مھانگائي واري دؤر ۾ صحيح سلامت سرڪاري نوڪري وارن انسانن لاءِ گھر ھلائڻ ٻارڙن جو پيٽ پالڻ مشڪل آهي ته ھي ويچارا معذور ڊگري يافته انسان پنهنجن معصوم ٻارڙن جو پيٽ گذر ڪيئن ڪندا ھوندا جيڪو انهن معذورن لاءِ ڪنهن وڏي آزمائش کان گھٽ نه آهي ھتي صرف منهنجي اباڻي ضلعي نواب شاھ جي معذورن جي ڳالھه ڪجي ته اھي پڙھيل لکيل ڊگريون کڻي ويچارا معذور گذريل پنجن سالن کان مختلف طريقن سان ڊي سي آفيس کان وٺي وزيرن مشيرن جي کليل ڪچهرين سميت چونڊيل نمائندن جي بنگلن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڌرڻا ڏئي رهيا آهن اتي سندن واھر نه ٿيڻ ڪري ويچارا نڌڻڪي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن سوچڻ جي ڳالهھ آهي ته معاشري اندر ھي اھڙا معذور آهن جيڪي شھرن اندر الله جي نالي تي خيرات وٺي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارڙن جو پيٽ گذر ڪندا آهن ٻيا ھڪ اھڙا پڙھيل لکيل معذور آهن جيڪي ماڻھن جي اڳيان ھٿ جھلڻ کي عيب سمجهي حڪومتن سان گڏ وس وارن اڳيان معذوري ڪوٽا تحت سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ پنڌ ڪرڻ تي مجبور آهن پر افسوس ته انهن کي سرڪاري نوڪري ملڻ ته پري جي ڳالهھ آهي موٽ ۾ کين آسرن مٿان آسرا ملندا رھندا آھن جنھن جي ڪري معذور ويچارا انھن آسرن مان مايوس ٿي ڪري عملي طرح گذريل ٻن ھفتن کان پريس ڪلب نواب شاھ اڳيان عبدالڪريم چانڊيو، مدد علي، نور علي، انور، علي بروهي، دلمراد مري، نويد راجپوت جي اڳواڻيءَ ۾ پنھنجي جائز مسئلي،، معذوري ڪوٽا ،، تي عمل نه ڪرڻ خلاف بک هڙتال ڪري پنهنجو آواز اعلي ايوانن تائين پھچائي رھيا آھن پر افسوس ته گذريل 10 ڏينهن کان بک هڙتال ڪيمپ تي ويٺل معذورن جي ڪنهن به سار نه لڌي ته اھي ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ويٺا آهن ؟

بک ھڙتال تي ويٺل معذورن جو تعلق سنڌ حڪومت سان ھجڻ ڪري پ پ پ ضلعي جي قيادت سميت ڪنهن به چونڊيل نمائندي سندن سار نه لڌي آهي، وڏي افسوس جو مقام آهي ته پريس ڪلب کان سڏ پنڌ تي ڊي سي آفيس ھجڻ باوجود ڊي سي شھيد بينظير آباد عامر حسين پنهور جو نه پھچڻ گھڻن سوالن کي جنم ڏئي ٿو خير ھاڻي به وقت آهي ته ڊي سي صاحب پاڻ يا پنھنجي ڪنھن نمائندي کي موڪلي کين ڳالھيون ڪري بک هڙتال ڪيمپ ختم ڪرائي، ٻئي پاسي معذورن پاران پ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ، ڊي سي شھيد بينظير آباد عامر حسين پنهو کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته معذورن جي ڪوٽا تي عمل ڪري کين بھتر روزگار ڏئي سندن پريشاني واري زندگي کي آسانيءَ واري زندگي ۾ بدلي ڪيو وڃي ته جيئن سڪون سان پنهنجي گھروارن توڙي ٻارڙن جو گذر سفر ٿي ڪري سگهن ٻي صورت ۾ ھي معذور ماڻهو پنهنجي جاري احتجاجي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جو حق رکن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.