افغانين جي دردن جو درمان بڻيل تحريڪ انصاف حڪومت!

تحرير؛قاضي اعجاز

ملڪ جو عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ بکون ڪاٽي رهيو آهي، پرملڪ جي راڄڌاني تي حڪمراني ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي وزير اعظم عمران خان کي افغان عوام جي بُکن جو اونو لڳل آهي، هتي شهري پنهنجن ٻارڙن کي جهولي ۾ کڻي وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏئي رهيا آهن، پر افسوس ته اسان جي وفاقي سرڪار کي هتان جي شهرين پاران ٻارڙن کي وڪڻڻ وارو قيامت خير منظر نظر نه ٿو اچي، پر کين افغان عوام پاران ٻارڙن کي وڪري ڪرڻ تي نه رڳو ڳڻتي آهي، پر عالمي دنيا جو ڌيان اوڏانهن ڇڪرائڻ لاءِ مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري شهري پنهنجن ٻارڙن کي ٻن ويلن جي ماني مهيا ڪرڻ کان قاصر بڻيل والدين پنهنجن ٻارڙن کي ايڌي ۽ ٻين فلاحي ادارن جي جهولن ۾ وجهي لڙڪ ڳاڙيندي الوداع ڪري رهيا آهن، پر اهي لقاءَ اسان جي حڪمرانن جي نظرن کان اوجهل آهن، وفاقي حڪومت پاران پيٽرول، ڪڻڪ، کنڊ، بجلي، گيس جي قيمتن ۾ روزانو واڌ ڪندي عوام کي لالي پاپ ڏيندي مهانگائي نه هجڻ بابت دلاسا ڏئي رهي آهي.

وزيرا عظم کان ويندي پي ٽي آءِ جي سموري ٽيم پاران ماضي ۾ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي وارن ڪيل واعدن جي پاسداري ڪرڻ بدران انهن تي هميشهه نه رڳو يوٽرن ورتو ويندو رهيو آهي، پرالٽو انهن اعلانن جي بلڪل برخلاف عمل ڪري ملڪ جي عوام کان جيئڻ جو حق کسي رکيو آهي، انهيءَ ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران گذريل ڏهاڙي وفاقي ڪابينا جي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي عوام جي دردن جو درمان بڻجڻ بدران افغانستان جي عوام جي دردن جو درمان بڻجندي ملڪ جي بُک مرندڙ عوام کان ڪڻڪ، چانور، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون کسي افغانستان ڏانهن موڪلڻ جي فيصلي سميت ٻيا به اهم فيصلا ڪيا ويا، انهن فيصلن مطابق وفاقي حڪومت افغانستان لاءِ خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پاڪستاني عوام عطيا جمع ڪرائي سگهي ٿو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي پڄاڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي  سڌ سماع واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ ٻه ڪروڙ 30 لک ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، جڏهن ته اڄ تائين 8 ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي چڪا آهن، اسان دنيا کي پنهنجي ڳڻتين کان اڳ ئي آگاهه ڪري چڪا آهيون پر هاڻي اهڙا سمورا امڪاني قدم کڻنداسين، جيڪي افغان عوام لاءِ مناسب هوندا، تنهن ڪري فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام عطيا جمع ڪرائي سگهي.سندس چوڻ هو ته وڏي ڪابينا وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ۽ چانور افغانستان موڪلڻ ۽ افغانستان جي سڀني درآمدي شين تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اسلامي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ مسلمان ملڪن کي افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ اپيل ڪئي ويندي، جيڪڏهن افغانستان کي خوراڪ جي بحران کان نه بچايو ويو ته صورتحال صفا خراب ٿي ويندي.سڌ سماع واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته افغانستان مان نهايت ئي مايوس ڪندڙ خبرون اچي رهيون آهن ته خوراڪ لاءِ ٻارڙن کي کپايو پيو وڃي. افغانستان جا اثاثا منجمد ٿيڻ سبب اتي انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ کين ٻاهرين امداد به نه ٿي ملي سگهي، جنهن ڪري افغانستان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي.

وفاقي ڪابينا جهڙي طرح سان افغانسان ۾ خوراڪ جي گهٽتائي جي ڪري 8 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن تي پاڪستاني عوام افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزير اعظم سميت وفاقي ڪابينا ڪڏهن به ٿر ۾ روزانو بُک وگهي مرندڙ معصوم ٻارڙن تي افسوس جو اظهار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ٿر ۾ خوراڪ جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح سان افغان عوام پاران ٻارڙن کپائڻ واري ڳالهه تي پڻ افسوس آهي، پر پاڪستان ۾ بک، بيروزگاري، مهانگائي جي ڪري روزانو نه رڳو شهري پنهنجن پيارن معصوم ٻارڙن جي کپائڻ لاءِ سرِ بازار هوڪا ڏئي رهيا آهن، پرملڪ جا شهري پنهنجي بي وسي ۽ ممتا واري ڪرب کي برداشت ڪندي  پنهنجن معصوم ٻارڙن کي ايڌي ۽ ٻين فلاحي ادارن جي حوالي ڪري رهيا آهن، اهڙي معاملي تي ته ڪڏهن وفاقي ڪابينا پنهنجي شهرين سان همدردي جو اظهار ناهي ڪيو،

اهو مڃون ٿا ته افغانستان جون اندروني توڙي بيروني، معاشي حالتون بهتر ناهن، ان باوجود افعانستان جي ڪرنسي پاڪستان جي ڪرنسيءَ کان وڌيڪ وزن رکي ٿي، جڏهن ته پيٽرول سميت ٻيون عام واهپي جون شيون به شهرين لاءِ سستي اگهه تي موجود آهن، باقي رهيو افعان شهرين جو اندروني معاملو جيڪو کين ئي حل ڪرڻو آهي. جڏهن ته پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين، ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ان دوران شهرين کي مارڻ، ماڻهو اغوا ڪرڻ، نشيدار شين جي فراهمي سميت سمورين خرابين ۾ موجود غير قانوني افغان شهري ملوث رهيا آهن، ان کان سواءِ ڪوڙن پاڪستاني پاسپورٽن تي پرڏيهه ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ پڻ افغان شهرين جي گرفتاري سان پاڪستان جي بدنامي وارن مامرن تي پڻ ڪابينا کي ٺوس فيصلا ڪرڻ گهرجن.

هتي اسان وفاقي ڪابينا کي صلاح ڏينداسين ته خدارا ٻين ملڪن جي شهرين جي درد جو درمان بڻجڻ بدران پنهنجي ملڪ جي شهرين جيڪي رياست کي ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، انهن بکايل، بدحال بڻيل، مهانگائي ۽ بي روزگاري کان تنگ،  تعليم توڙي صحت وارين سهولتن کان وانجهيل ملڪ جي عوام جي دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پنهنجي عوام جي تڪليفن جو احساس ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.