حڪومت جي تڏا ويڙهه جون تياريون تيز ، ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت

اسلام آباد (خاص رپورٽر) : اسلام آباد  ۾ ٿڌ جي موسم ۾ سياسي ماحول گرم ٿي چڪو آهي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ملتوي ٿيڻ تي موجوده حڪومت جي شڪست آهي. جنهن کانپوءِ گڏيل مخالف ڌر وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان کي فوري طور تي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. مخالف ڌر جا هڪ ٻئي سان صلاح مشورا جاري آهن. هوڏانهن ڪالهه موجوده حڪومت جي هڪ وفاقي وزير طارق بشير چيما به پ پ پ اڳواڻ خورشيد سان ملاقات ڪئي. عوامي آواز جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جا 20 کان وڌيڪ ناراض ميمبر به پ پ ۽ ن ليگ سان رابطي ۾ آهن  ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽ سميت حمايت جي ضمانت گهري ورتي آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته خورشيد شاهه ان سلسلي ۾ شهباز شريف کي پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وفاقي وزير طارق بشير چيمه ۽ خورشيد جي ملاقات سياسي حلقن ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. ذريعن  عوامي آواز کي ٻڌايو ته پي ڊي ايم قيادت  پهرين سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتماد رٿ آڻڻ  کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم خلاف  بي اعتمادي ٿيندي  ۽ وقتي  وزيراعظم لاءِ خورشيد شاهه جو نالو  پهرين نمبر تي اچي رهيو آهي،مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو مخالف ڌر جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي 15 نومبر تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس  تائين اسلام آباد ۾ موجود هجڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي باقي  ايم ڪيو ايم اڳواٽ ئي اعلان ڪري چڪي آهي ته هو ڪابينا کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن مسلم ليگ (ق) به چونڊ سڌارن ۽ ٻين معاملن تي حڪومت سان گڏ نه آهي. هاڻي عمران خان کي ”غيب“ کان ملندڙ حمايت به بند ٿي وئي آهي. ان ڪري حڪومت جا سمورا رستا مڪمل طور تي بند چڪا آهن. مخالف ڌر به هوائن جو رخ پنهنجي حق ۾ ڏسندي عمران خان جي تڏا ويڙهه جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن. تيزي سان تبديل ٿيل سياسي حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻي حڪومت ڪجهه ئي ڏينهن جي مهمان آهي.

  • ان هائوس تبديلي لاءِ ق ليگ سان رابطا، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر خلاف بي اعتمادي تي غور

اسلام آباد( م ڊ) مخالف ڌر ان هائوس تبديلي لاءِ سنجيدگي سان غور ڪندي رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ق ليگ جي وفد سان به ملاقات ڪئي وئي آهي. مخالف ڌر حڪومت خلاف تحريڪ سميت ان هائوس تبديلي جي آپشن تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي مرحلي وار تبديلي جي تجويز ڏني آهي. پ پ صادق سنجراڻي کي سڀ کان پهرين هٽرائڻ جي تجويز ڏني آهي. پ پ جو موقف آهي ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي اڪثريت آهي، ان ڪري شروعات  سينيٽ مان ٿيڻ گهرجي. ان کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  اسد قيصر خلاف بي اعتمادي آندي وڃي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق، شاهده اختر علي ق ليگ وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مخالف ڌر سان سهڪار لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مخالف ڌر ق ليگ کي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ چونڊ سڌارن جي بل جي حمايت نه ڪرڻ جو چيو. 03

  • وزيراعظم سان ايم اين ايز جون ملاقاتون

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن عاليه حمزه، سائره بانو،روبيه جميل ۽ نورين ابراهيم ملاقات ڪئي سردار نصرالله خان دريشڪ فضل محمد ۽ رميش ڪمار وانڪواڻي به  ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي تڪن جي سياسي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ موجود هو.

  • عمران خان پنج سال پورا ڪندو، ٽي ايل پي معاهدي جي ڄاڻ ناهي: شيخ رشيد

راولپنڊي(م ڊ) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان حڪومت ۾ پنج سال پورا ڪندو . ملڪ ۾ ڇڪتاڻ ۽ رتو ڇاڻ بدران ڳالهيون بهترين رستو آهي ، حلفيه چوان ٿو ته ٽي ايل پي سان ٿيندڙ معاهدي جي مون کي خبر ناهي، اسپيڪر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو هوندو، اتحادين جون شڪايتون هونديون آهن،هن چيو ته ڪرڪيٽ ميچ ۾ جنهن ڏينهن  پاڪستان   ڀارت  کي شڪست ڏني  هئي منهنجي لاءِ انهي ڏينهن پاڪستان فائنل کٽي ورتو هو . ۽ منهنجون دعائون سموري پاڪستاني ڪرڪيٽ رانيگرن سان گڏ آهن .

  • اتحادين جو انڪار جمهوريت لاءِ سٺوسنئوڻ آهي: شهبازشريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف حڪومتي اتحادين جي روئي کي جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته گڏيل پارليامينٽ اجلاس ملتوي ٿيڻ عمران نيازي جي اڪثريت وڃائجڻ جي علامت آهي، مهانگائي جي ستايل عوام کانپوءِ پارليامينٽ به عمران نيازي تي بي اعتمادي ڪري ڇڏي، هن چيو ته اتحادين جو ڪاري قانونسازي جو حصو بڻجڻ کان انڪار جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، حڪومت نيب ترميمي آرڊيننس، ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن جا قانون واپس وٺي

  • اپوزيشن حڪومت سان ڳالهين  لاءِ شرط رکي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) اپوزيشن حڪومت سان ڳالهين لاءِ قانونسازي جا تفصيل تحريري طور تي فراهم ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو، اپوزيشن حڪومتي اتحادين سان به رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، اپوزيشن جي خاص ڪميٽي جي ميمبرن قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪري پنهنجي خدشن ۽ شرطن کان آگاهه ڪندي چيو ته گڏيل اجلاس ۾ پيش ٿيندڙ بلن جا سمورا تفصيل لکت ۾ فراهم ڪيا وڃن ان کانپوءِ ئي ڳالهيون شروع ڪنداسين، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جو رابطو ٿيو آهي، وزيراعظم کيس اپوزيشن سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن ۽ ٻين بلن تي مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

  • اپوزيشن سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪريون پيا: بابر اعواڻ

اسلام آباد(م ڊ) پارلياماني معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آءِ ووٽنگ جي حوالي سان اپوزيشن سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هميشه لاءِ ملتوي ناهي ٿيو ڪجهه ڏينهن بعد ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس ٻيهر طلب ڪيو ويندو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن جي پارلياماني پارٽين سان رابطو ڪيو آهي. اپوزيشن پارٽين جو چوڻ آهي ته هو پاڻ ۾ صلاح مشوري کانپوءِ جواب ڏيندا. هن چيو ته اسان پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪنهن سياسي ايجنڊا تحت قانون سازي نٿا ڪرڻ چاهيون پر اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو رستو روڪڻ لاءِ اي وي ايم، انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان نظر ثاني جي معاملي تي پڻ بل آڻڻ چاهيون ٿا.

  • نااهل وزيراعظم کي هٽائڻ جو وقت اچي چڪو آهي: شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشازيا عطا مري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان نيازي جي  پارليامينٽ کي غير موثر بڻائڻ جي سازش ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ گذريل ٽن سالن کان عمران خان پارليامينٽ کان ڀڄي رهيو آهي جڏهن ته ھاڻ نااهل وزيراعظم کي هٽائڻ جو وقت اچي چڪو آهي،ھن چيو ته پارليامنٽ ذريعي ئي اقتتدار ۾ ويٺل نااھل وزيراعظم کي پارليامينٽ ذريعي ئي هٽائي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويندو، ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمت عملي سان ئي قوم کي نااهل وزيراعظم کان نجات ملندو ،هوڏانهن شيري رحمان چيو ته اسان رابطا ڪري اجلاس ملتوي ڪرڻ جو چيو، حڪومت اتحادين جي الڳ ٿيڻ جي ڊپ سبب گڏيل اجلاس ملتوي ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.