رضوان جون سال ۾ هزار رنسون، بابر ڪوهلي کان رڪارڊ کسي ورتو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني رانديگر ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي پيا ڪن. ٻي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا خلاف کيڏندي قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.محمد رضوان آسٽريليا خلاف شاندار ففٽي اسڪور ڪرڻ سان گڏ ئي هلندڙ سال هڪ هزار ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنسون مڪمل ڪري ورتيون. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪئلينڊر ايئر ۾ هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين آهي. هوڏانهن بابر اعظم، ويرات ڪوهلي کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو. بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشلز ۾ تيز ترين اڍائي هزار رنسون مڪمل ڪيون ۽ ڪوهلي کي پوئتي ڇڏيو. بابر اعظم  62 هين اننگز ۾ 2500 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنسون مڪمل ڪيون، جڏهن ته ڀارت جي ويرات ڪوهلي 68 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو. شاهين شاهه آفريدي ٽي ٽوئنٽي ۾ پهرين ئي اوور ۾  21 ڀيرا وڪيٽ وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.