هزاره برادري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ هزاره برادري جي ٽارگٽ ڪلنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس تي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ مغوي علي رضا جي آزادي بابت آءِ جي بلوچستان کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته مغوي علي رضا جي آزادي بابت چئن هفتن ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.سپريم ڪورٽ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي ڊي جي نيشنل ڪانٽر ٽيرارزم اٿارٽي (نيڪٽا) کي 16 نومبر 2021 تي طلب ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڊي جي نيڪٽا آزاد ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽس بحال نه ڪرڻ بابت جواب ڏيمغوي علي رضا جي زال موقف اختيار ڪيو ته مونکي مڙس جي حوالي سان ڪا معلومات ناهي جسٽس اعجاز الاحسن آءِ جي بلوچستان کان پڇيو ته مغوي علي رضا جي آزادي جو ڇا ٿيو. جنهن تي آءِ جي بلوچستان عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، مغوي علي رضا جي ڪٽنب ڀاتين کي افعانستان مان پڻ ڪالز اينديون رهيون، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي صاحب توهان قبرون کوٽي ماڻهو ڳولي رهيا آهيو، زنده ماڻهن مان مغوي علي رضا کي ڳوليو، لاش جو ٻڌي مغوي جي ڪٽنب ڀاتين تي ڇا گذري رهي هوندي. جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته مغوي جو هن وقت تائين آزاد نه ٿيڻ پوليس جي ناڪامي آهي، هزاره برادري جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ سموري تفصيل لکي وئي، نيڪٽا ڪيئن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.