افغانستان جي پرڏيهي وزير ۽ شاهه محمود قريشي جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. پرڏيهي وزير افغان وفد کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.