پاڪستان آسٽريليا کان کٽي ويندو: لارا جي اڳڪٿي غلط ثابت

اسلام آباد(م ڊ) ويسٽ انڊيز جي ليجنڊ بيٽسمين ۽ اڳوڻي ڪپتان برائن لارا چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيم باصلاحيت ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ اها آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل کٽڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته آسٽريليا به هڪ خطرناڪ ٽيم آهي ۽ انهن جو مضبوط لائن اپ آهي، اها ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. برائن لارا جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ ۽ بالنگ جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جو اها فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي.

  • رضوان جو ڪيچ ڇڏڻ آسٽريليا کي مهانگو

دبئي(م ڊ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان طرفان محمد رضوان 67 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٽئين اوور ۾ ميڪس ويل کي رضوان اڳتي وڌي شاٽ هنئي، پر وارنر هن جو ڪيچ نه پڪڙي سگهيو ۽ چوڪو به ٿي ويو، ان وقت رضوان ٻڙي تي کيڏي رهيو هو، ڇهين اوور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمنز جي بال تي رضوان جو ڪيچ مس ٿي ويو هن ڀيري فيلڊر زمپا هو ،محمد رضوان ڪالهوڪي ميچ ۾ سال 2021ع ۾ هڪ هزار ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنسون به مڪمل ڪري ورتيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.