ارڙهيم ترميم ان ڪري نه ڪئي وئي ته صوبا وفاق کي ڪمزور ڪن: صدر علوي

ميرپورخاص(رپورٽ:صالح اوٺو) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آھي ته 18 ھين ترميم ان ڪري نه ڪئي وئي آھي ته ماڻھن جا رستا روڪيا وڃن صوبا فيڊريشن کي ڪمزور ڪن. ، عمران خان به چاھي ٿو ته جيستائين چارئي صوبا متفق نه ٿا ٿين ان وقت تائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺھندو اھڙو اظھار هن ميرپورخاص ۾ سي پي ايل سي جي افتتاح ۽ شهر جي معززن ۽ وڪيلن سان ملاقات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوصدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ميرپورخاص ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ ۽ نوجوانن کي تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ يونيوسٽي قائم ڪئي ويندي، ھن چيو ته ڪرونا وبا سبب سڄي دنيا متاثر ٿي آھي، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ تي وڏو اثر پيو آھي،ان ڪري ئي سڄي دنيا ۾ مھانگائي وڌي آهي،هن چيو ته کنڊ کان وٺي انصاف ملڻ تائين جتي ڪٿي مافيائون موجود آھن پر اسان کي انھن سان مقابلو ڪرڻو آھي. صدر  چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪامياب نوجوان اسڪيم تحت 100 ارب روپيا رکيا ويا آھن، جڏھن ته عورتن کي روزگار ڏيڻ لاءِ الڳ رقم رکيل آھي پر ھن وقت تائين 2 سيڪڙو عورتون به ناھن پھتيون، ان ڪري ڪارڪن عورتن ۽ نوجوانن جي رھنمائي ڪن تقريب کي خطاب ڪندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته اسان حق ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ وڏو ۽ مشڪل رستو طئي ڪري ورتو آھي. 2023 جي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اندر پي ٽي آءِ جي حڪومت ھوندي. سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جون حالتون انتھائي خراب آھن، 18 ھين ترميم جو غلط طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪو آواز ٿو اٿاري ان کي جيل موڪليو ٿو وڃي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته ايس ايڇ اوز جي گھرن مان اربين رپين جي منشيات ھٿ پئي اچي ۽ پوليس موبائلن ۾ چرس وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ جنھن اسيمبلي پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪئي، ان ۾ اڄ قاتل ويٺل آھن.. پي ٽي آءِ ميرپورخاص طرفان ضلعي صدر آفتاب قريشي تقرير ڪندي صدر کان مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ نه ميڊيڪل ڪاليج آھي ۽ نه وري انجنيئرنگ ڪاليج،  ھاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ لاءِ وڪيل ۽ يونيورسٽي جي قيام لاءِ شاگرد احتجاج ڪري رھيا آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.