قمبر:چانڊيا ۽ بروهي تڪرار تان 6 خونن جو جرڳو،هڪ ڪروڙ 70 لک ڏنڊ

قمبر(رپورٽ: محمود شيخ )قمبر لڳ ڊرگھه ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ نصير محمد مرزاڻي ۾ بروھي ۽ مرزاڻي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾25 ڏينهن اڳ خوني جهيڙي جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويل 6 ڄڻن نادر حسين بروهي، محمد عالم بروهي، ڀورل بروهي، خالد چانڊيو،صابر چانڊيو ۽ معشوق چانڊيو واري واقعي جو جرڳو ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ عبدالقادر بلوچ جي سرپئنچي ۾ قمبر  ۾ ٿي گذريو جرڳي سردار اظهر ڪماريو سميت ۾ ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين جي نيڪ مردن مير ڏاتا خان چانڊيو، نوابزاده برهان خان چانڊيو، نوابزاده شاهنواز خان چانڊيو ،رئيس ٺارو خان مارفاڻي چانڊيو، محمد پناه چانڊيو، ڪاڪا محمد علي چانڊيو ،غلام رسول چانڊيو، وڏيرو علي حسن بروهي امين مينگل، عيد محمد بروهي سميت مختلف چڱن مڙسن جي شرڪت ڪئي جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين جا خون خون ۾ پاڙيا وياجڏهن ته ڦر وارو الزام بروهي برداري چانڊيا برادري مٿان ثابت نه ڪري سگهي ۽ اڳرائي ڪرڻ جي ڪري بروهي برداري مٿان 50 لک ڏنڊ چٽي وڌي وئي جيڪا جنرل رٽائرڊ عبدالقادر بلوچ جي آمد ڪري نواب سردار خان چانڊيو تڏي تي 20 لک روپيا معاف ڪندي بقايا ٽيهھ لک ڏنڊ رقم جي فتويٰ ڏني وئي جڏهن ته پهريان بروهي برادري چانڊيا برادري ڏانهن ميڙ کڻي ويندا جنهن کانپوءِ چانڊيا برادري بروهي برداري ڏانهن ميڙ ويندي فيصلي کانپوءِ ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.