ٿر ۾ ڊينگي بي قابو، نوجوان فوت،فوتين جو انگ چار ٿي ويو

مٺي/ڇاڇرو(رپورٽ:غازي بجير/يعقوب بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ مليريا بعد ڊينگي وبائي صورت اختيار ڪري چُڪي آهي،جنهن سبب اسلام ڪوٽ بعد ڇاڇري جي ڳوٺ جيتراڙ واسي نوجوان عبدالقدير ولد حاجي محمد نهڙي ڊينگي بخار وگهي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي،جنهن بعد ڊينگي وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي،جڏهن ته ڇاڇرو،ڏاهلي ۽ اسلام ڪوٽ تعلقن ۾ وڌيڪ 10 ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿي پيا آهن،ٿر ۾ مجموعي طور ڊينگي جي ڪيسن جو تعداد وڌي 140ٿي ويو آهي،ڊينگي بي قابو ٿيڻ جي باوجود ضلعي انتظاميا شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اسپري ڪرائڻ سميت مريضن جي ٽيسٽن لاءِ جي به قدم ناهن کنيا،جنهن سبب هر طرف خوف پکڙجي ويو آهي،ڊينگي وگهي ٻن ڏينهن ۾ ٻن نوجوانن جي فوتگين بعد حراس ڦهلجي ويو آهي،ڳوٺن ۾ ڊينگي سميت مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي،ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ ڪڏهن به مڇرمار اسپري ناهي ڪرايو ويو،جنهن سبب مڇرن جي آزار عوام کان ننڍون به کسي ورتيون آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.