عمران خان فارغ ٿيڻ گهرجي، الله ڪري حڪومت پ پ جي هجي: عبدالقادر بلوچ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي گورنر رٽائرڊ جنرل عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته هن وقت ملڪ وڏي مصيبت ۾ آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي آفت آيل آهي ۽ عام ماڻهن جي چيلهه ڀڄي پئي آهي ان لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ذميواري کنئي آهي اميد آهي ته پيپلز پارٽي جي وس قومي مفادن لاءِ هوندي. لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مير امين مينگل سان سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سمورن نالائقي جي حدن کي پار ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي فارغ ڪرڻ گهرجي جيئن ملڪ کي نئين قيادت ملي سگهي، الله ڪري اها قيادت پيپلز پارٽي جي هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.