ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان جي معاشي صورتحال تي ڳڻتي

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا،اهيچاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي سڌوسنئون مفاد ۾ آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن هتي ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.