سنڌ حڪومت ويڪسينيٽرن سان ڪيل واعدي تان ٻيهر ڦري وئي، روبيلا مهم جو بائيڪاٽ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ويڪسينيٽرن سان ڪيل واعدي تان هڪ ڀيرو ٻيهر ڦري وئي،ويڪسينيٽرن پاران سڄي سنڌ ۾ميزلز روبيلا مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو،تنظيمن  پاران جائز مسئلا حل نه ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي،ڪراچي پريس ڪلب تي ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ نائين ڏينهن به  مظاهرو جاري صحت کاتي پاران پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٻن ڏينهن جي مهلت گهرڻ بعد اڄ اڳواڻن کي گهرائي يوٽرن وٺي ڇڏيو، پي ڊي پاران ڌرڻو ختم ڪري جو چئي مطالبا پندرهن ڏينهن بعد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي ،ان موقعي تي ويڪسينيٽر اڳواڻ مولابخش چانڊيو،سلطان کوسو،غياث الدين شاهاڻي،اصغر چانڊيو ،خدابخش قريشي۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ پنهنجي ڪيل واعدي  تان ڦري ويو،مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ورتي هئي پر اڄ نوٽيفيڪيشن جي بهاني گهرائي چيو ويو ته ڌرڻو ختم ڪري ميزلز روبيلا مهم هلرائي ڏيو توهان جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ان دوران  ويڪسينيٽر مڪمل طور  روبيلا ميزلزمهم جي بائڪاٽ ڪريو ڇڏيو ،هنن چيو ته سنڌ جي 23 ضلعن ۾ اِي پي آءِ سينٽرز مڪمل طور تي بند پيل آهن عملدار ميزلز مهم جا پيسا ڦٻائڻ لاءِ نان ٽيڪنيڪل ماڻهن کان مهم شروع ڪرائي رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.