پاڻي ذخيرن ۾ 38 سيڪڙو گهٽتائي، ربيع جي پوکي متاثر ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان حقيقي آبادگارن کي درپيش مسئلن جي حل جي اهميت کي اجاگر ڪندي واهن مان پاڻي جي چوري روڪڻ جي لاءِ پنجاب جي آبپاشي کاتي سان گڏجي فوري قدم کڻڻ ۽ آبادگارن کي انهن جي فصلن جي سٺي قيمت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهي ڪارٽيلائيزيشن کي منهن ڏيڻ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل قانونن تي عمل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ پنجاب جي آبادگارن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته پاڻي ذخيرن ۾ پاڻي جي 28 سيڪڙو کوٽ جي ڪري ربيع جي فصل متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته واهن مان پاڻي چوري کي روڪي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.