ڪوٽڙي: صدر علوي ۽ گورنر سنڌ چيمبر آف ڪامرس ڄامشورو پهتا

صدر عارف علوي ۽ گورنر سنڌ اعمران اسمائيل چيمبر آف ڪامرس ڄامشورو پهچي عهيديدارن سان ملاقات ڪئي.

چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن خليل بلوچ ۔ ياسر ملڪ، ميان توقير طارق ۽ ٻين صدر عارف علوي کي صنعتي زون جي مسئلن کان آگاھ ڪيو.

ان موقعي تي صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته مهانگائي سڄي دنيا ۾ ٿي آهي، هندستان ۾ غريبن جي مدد ناهي ڪئي ويندي، ڪرونا جي ٽن سالن دوران اسان جي سرمائيدارن مزدورن جي گھڻي مدد ڪئي.

هن چيو ته ٽيڪس جي وصولي لاء  حڪومت 1970 سال کان پريشان آهي، ٽيڪس جو نظام وڌائڻ چاهيون ٿا.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مجبوري هئي، سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم تيزي سان جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.