عادلپور: روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

عادلپور ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

عادلپور ڀرسان خانپور مهر روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر  وچ ۾ ٽڪر  ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ الهرکيو لانگاه جا رهواسي ٻه ڀائر  30 سالن جو شوڪت ۽ 40 سالن جو رياض لانگاهه سخت زخمي ٿي پيا جن کي گھوٽڪي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمي شوڪت جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر اسپتال منعتقل ڪيو ويو جتي  هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻي پاسي  عادلپور پوليس ٽريڪٽر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.