راني مکرجي جو يش چوپڙا جي حوالي سان وڏو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا راني مکرجي ناليواري ڀارتي فلمساز يش چوپڙا جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ راني مکرجي جو چوڻ آهي ته يش چوپڙا منهنجي ماءُ پيءُ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.

اداڪارا پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته 2002 ۾ رليز ٿيڻ واري فلم ساٿيا جي آڇ قبولڻ جي انڪار تي يش چوپڙا منهنجي ماءُ پيءُ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.

ان وقت ۾ منهنجي ماءُ کي ائين لڳندو هو ته مان چري ٿي وئي آهيان ڇو ته مان جيڪو به ڪم مونکي ملي رهيو هو مان انکان لڳاتار انڪار ڪري رهي هئس رڳو پنهنجي گهر تائين ئي محدود هيس.

هن ٻڌايو ته مونتي تنقيد ٿي رهي هئي ته مان پنهنجو ڪيريئر ختم ڪري رهي آهيان پر مان پنهنجي فيصلي تي اٽل رهندي هيس ۽ چوندي هيس ته جنهن ڪم لاءِ منهنجي دل نٿي چوي مان اهو نه ڪندس.

راني مکرجي ٻڌايو ته جڏهن مون فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته يش چوپڙا جي فون ۽ هن چيو ته پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري رهيو آهيان ۽ انهن ۾ تنهنجا والدين آهن، ايستائين اهو ڪمرو نه کوليندس جيستائين فلم ۾ ڪرڻ جي لاءِ ها نه چوندين.

سندس چوڻ هو ته يش انڪل جو اهڙي ريت فلم جي لاءِ مونکي راضي ڪرڻ منهنجي ڪيريئر جي حوالي سان بهترين ثابت ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.