بابر اعظم، ويرات ڪوهلي کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڀارتي بيٽسمين ويرات ڪوهلي کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو.

دبئي ۾ آسٽريليا خلاف سيمي فائنل ميچ دوران بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشلز ۾ تيز ترين اڍائي هزار رنسون مڪمل ڪيون ۽ ڪوهلي کي پوئتي ڇڏيو.

بابر اعظم 62هين اننگز ۾ 2500 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنسون مڪمل ڪيون، جڏهن ته ڀارت جي ويرات ڪوهلي 68 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.

واضح رهي ته بابر اعظم اڄڪلهه ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ هو ڏينهون ڏينهن نوان رڪارڊ پنهنجي نالي ڪندو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.