اي پي ايس سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي گذريل ڏينهن ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

3 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد لکيو آهي، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان عدالت سامهون پيش ٿيو ۽ چيائين ته 20 آڪٽوبر جو حڪم نامو پڙهيو آهي.

حڪم نامي موجب وزيراعظم عدالت ۽ شهيدن جي والدين کي خاطري ڪرائي ته انصاف ڏيارڻ لاءِ رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ هر ممڪن قدم کڻندي، حڪومت غفلت ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي.

عدالت قرار ڏنو ته ٻارن جا والدين شهادتن تي ڪو به عذر قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، والدين 20 آڪٽوبر جي فيصلي ۾ نامزد ماڻهن کي غفلت جو ذميوار سمجهن ٿا، عدالت حڪم ڏنو ته حڪومت شهيدن جي والدين جو موقف ٻڌي ڪارروائي ڪري.

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي وزيراعظم جي صحيح ٿيل رپورٽ چئن هفتن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم عمران خان پيش ٿيو هو ۽ چيو هو ته ملڪ ۾ ڪا مقدس ڳئون ناهي، مان حڪمراني تي يقين رکان ٿو، توهان حڪم ڪيو ته ڪارروائي ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارن جي والدين جو موقف ٻڌي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.