حنا پرويز بٽ پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽر جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر حنا پرويز بٽ پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽر جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون آمهون سامهون آهن ۽ جيڪا ٽيم کٽيندي اها فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ان حوالي سان جتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن، اتي ئي ن ليگ جي حنا پرويز بٽ به خاموشي ٽوڙي آهي.

ن ليگ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر حنا پرويز بٽ پنهنجي بيان قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو اميد ته اڄوڪي ميچ ۾ به اسان جي ٽيم سٺو پرفارم ڪندي.

هن چيو ته بابر اعظم بهترين ڪپتاني سان ٽيم کي اڳتي وٺي ويو آهي، اميد ته شاهين آفريدي گذريل ميچن جيان سٺي بالنگ ڪندو.

سندس چوڻ هو ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان منهنجو پسنديده رانديگر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.