شادي جو سبب ميڪ اپ عورت جي طلاق جو سبب به بڻجي ويو

عورتن جي ميڪ اپ جي حوالي سان ته گهڻيون ڳالهيون هونديون آهن ته ڪيتري حد تائين عورتون ميڪ اپ جو شوقين ٿين ٿيون.

ان حوالي سان مصر جي هڪ عورت کي مڙس بنا ميڪ اپ جي ڏسي طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مڙس فيس بوڪ تي دوستي ٿيڻ کانپوءِ عورت سان شادي ڪري ورتي.

گهرواري کي بنا ميڪ جي هڪ مهيني تائين ڏسڻ کانپوءِ ان جي مڙس گهرواري کي طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مصري شخص جو چوڻ آهي ته مان شادي کانپوءِ حيران ٿي ويس ڇو ته منهنجي گهرواري اهڙي نه پئي لڳي جيئن مان شادي کان اڳ ساڻس مليو هئس ته لڳي هئي.

هن چيو ته مونکي منهنجي گهرواري ڌوڪو ڏنو آهي ڇو ته هوءَ شادي کان اڳ ميڪ اپ ڪندي هئي پر شادي کانپوءِ مان جڏهن ان جو اصل چهرو ڏٺو ته هوءَ گهڻي مختلف نظر ايندي آهي.

رپورٽ موجب مصري شهري گهرواري کي طلاق ڏيڻ جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

مصري شخص عدالت ٻڌايو ته هن پنهنجي گهرواري کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ آخرڪار شادي جي هڪ مهيني کانپوءِ تنگ ٿي گهرواري کي طلاق ڏيڻ جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.

واضح رهي ته هڪ اهڙو ئي واقعو 2016 ۾ به پيش آيو هو جڏهن هڪ شخص شادي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجي گهرواري کي طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

هن اها دعويٰ ڪئي هئي ته سندس گهرواري ڪاسميٽڪس ۽ جعلي پنبڙيون پهري کيس ڌوڪو ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.